جوهي ۾ تيل ڪمپنين خلاف مظاهرو

وڪي اخبار کان
رپورٽ: زبير زرار منگي


جوهي ۾ قائم تيل ۽ گئس جي پرڏيهي ڪمپني پاران اعلان باوجود تعلقي کي مفت گئس فراهم نه ڪرڻ ۽ ڊولپمينٽ آفيسر جي مبينا ڪرپشن خلاف شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. يوسي ناظم غلام قادر ٻٻر، ڊاڪٽر مجيد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پرڏيهي ڪمپني تعلقي کي مفت گئس فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، جنهن تي اڃان تائين عمل نه ٿيو آهي. هنن الزام مڙهيو ته ڪميونٽي آفيسر تعلقي جي ٽن يوسيز ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر اڏڻ واري اسڪيم ۾ به وڏي پئماني تي گهوٻيون هنيون آهن. مظاهرين مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪري تعلقي کي مفت گئس فراهم ڪرڻ واري اعلان تي عمل ڪرايو وڃي.