جيئي سنڌ قومي محاذ جا اختلاف نه نبري سگهيا، مرڪزي عهديدارن پڻ استعفائون ڏئي ڇڏيون

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ عبدالواحد آريسر جي استعفا بعد پيدا ٿيل اختلاف اڃا تائين نه نبري سگهيا آهن. خبرن مطابق جسقم جي سموري مرڪزي ڪابينه پڻ استعفا ڏئي ڇڏي آهي.

مرڪزي عهديدارن چيو آهي ته تنظيم ۾ موجود اختلافن کي فوري طور حل ڪيو وڃي نه ته اسان جو استعفائون منظور ڪيون وڃن. سندن چوڻ مطابق هنن پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي.

ياد رهي ته عبدالواحد آريسر جي ان ڳالهه ته بشير قريشي پنهنجي عهدي جو فائدو وٺندي فيصلي تي اثرانداز ٿيندو تنهنڪري بشير قريشي پڻ استعفا ڏئي ڇڏي آهي.

جسقم طرفان ڊاڪٽر شفيع محمد ڪرناڻي جي اڳواڻي ۾ هڪ 6 رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي جيڪا بحران جي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. ان ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي، سرائي قربان کهاوڙ، علي حسن چانڊيو، سرفراز ميمڻ ۽ محمد راهمون شامل آهن. ٻئي طرف آريسر، شفيع ڪرناڻي جي مقرري تي ناخوش هو سندس چواڻي هن جو ڪردار تڪراري آهي.

ذريعا