جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ عبدالواحد آريسر پنهنجي استعفا واپس وٺي ڇڏي

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ عبدالواحد آريسر بنيادي ميمبرشپ تان ڏنل استعفا واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ جسقم ۾ پنهنجون سرگرميون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ذريعن موجب آريسر جيئمسٽ ڪائونسل پاران جوڙيل ڪاميٽي سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اهڙو اعلان ڪيو. آريسر وڌيڪ چيو ته مان جسقم جو بانيڪار آهيان ۽ مون کي خوشي آهي ته منهنجي احتجاج جو جيئمسٽ ڪائونسل نوٽيس ورتو.

آريسر جو وڌيڪ چوڻ هو ته کيس خوشي آهي ته بشير قريشي پنهنجو پاڻ کي سيد جو سچو سپاهي سمجهي ٿو.

ٻئي طرف آرگنائزنگ ڪاميٽي جي ميمبر چيو ته آريسر اسان جو وڏو آهي، اسان کي خوشي آهي ته آريسر صاحب اسان جي چوڻ تي استعفا واپس ورتي آهي.

ذريعا