جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ايجنسين طرفان گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي بک هڙتال

وڪي اخبار کان

24 ڊسمبر 2006

جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب آڏو شروع ڪيل بک هڙتال پنجين ڏينهن پڻ جاري رهي، احتجاجي بک هڙتال جو مقصد ايجنسين جي طرفان ڪارڪنن کي گم ڪرڻ خلاف آواز بلند ڪرڻ هو.

بک هڙتالين جو مطالبو هو ته ڊاڪٽر صفدر سرڪي، آڪاش ملاح ۽ آصف بالادي سميت سمورا گم ڪيل ڪارڪن بازياب ڪرايا وڃن.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ايجسنين جو اهو عمل غيرانساني آهي. هنن حڪومت جي سنڌ دشمن پاليسين جي مذمت پڻ ڪئي.

بک هڙتال جي اڳواڻي سرائي قربان کهاوڙ ڪئي، نياز ڪالاڻي سميت جسقم جي مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن بک هڙتالي ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو.

ذريعا