جيئي سنڌ قومي محاذ پاران عيد کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان

وڪي اخبار کان

Cautionخبر ۾ ڪوبه ذريعو يا حوالو ڏنل نه آهي ان ڪري هي خبر تڪراري آهي، حوالا يا ذريعا لکي هن نوٽيس کي هٽائي سگهجي ٿو.


جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي قيادت اعلان ڪيو آهي ته عيد کي پاڪستان جي ظلمن خلاف ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو وڃي.

مرڪزي قيادت سنڌي قوم کي ياد ڏياريو ته ڪالاباغ ڊيم تي حڪمرانن جي هوڏ ۽ سنڌ حڪومت جي خاموشي، سنڌ جا ٻيٽ غيرملڪين حوالي ڪرڻ ۽ سنڌي توڙي بلوچ اڳواڻن جي گمشدگي جهڙا ڪريل حربا هلايا ويا آهن.

جسقم جي مرڪزي قيادت پنهنجي ڪارڪنن ۽ سنڌي قوم کي اپيل ڪئي ته عيد کي سادگيءَ سان ملهائيندي احتجاج طور ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيو وڃن.