جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن جي آزادي لاءِ بک هڙتال، عورتون ۽ ٻارڙا به هڙتال تي ويٺا

وڪي اخبار کان
فائل:Jsmm protest.jpg
بک هڙتال جو ڏيک (فوٽو: هلچل)

13 نومبر 2006

جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن مظفر ڀٽو ۽ ستار هڪڙو جي وارثن ۽ جسمم جي ڪارڪنن سندن آزاديءَ لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن پڻ حصو ورتو.

ان موقعي تي صائمه ڀٽو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته مذڪوره اڳواڻن تي 13 تائين اڻ ڄاڻايل هنڌن تي تشدد بعد هاڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ مٿان وري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مٿن ذهني تشدد ڪيو پيو وڃي.

هنن گهر ڪئي ته اڳواڻن کي آزاد ڪري واقعي جي اڻ ڌري عدالتي تحقيقات ڪرائي وڃي.

ٻئي طرف ممتاز سومرو صحافين کي ٻڌايو ته سڪندر سومري ۽ نواز زنئور کي ڪالهه 14 ڏينهن جي ريمانڊ بعد حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ عدالت کين سينٽرل جيل حيدرآباد موڪلي ڇڏيو.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيل ۾ ٻنهي اڳواڻن مٿان تشدد ڪيو پيو وڃي. هن گهر ڪندي چيو ته اڳواڻن کي جيل مينئول مطابق سهولتون ڏنيون وڃن.

ذريعا