جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن ستار هڪڙو ۽ مظفر ڀٽو کي ڪوٽڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

وڪي اخبار کان

22 نومبر 2006

جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن کي 13 ڊي جي ڪيس ۾ ڪوٽڙي جي عدالت اڳيان پيش ڪري چالان ڪيو ويو. عدالت ٻنهي کي حيدرآباد سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت ۾ پيشي وقت ٻنهي اڳواڻن جي وارثن ساڻن ملاقات ڪئي، جيڪي روئندا به رهيا ته پيار ۾ کين چميون به ڏيندا رهيا.

صحافين سان ڳالهائيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته اسان تي ڪوڙا ڪيس مڙهي جيل حوالي ڪرڻ چاهين ٿا پر اسان جا حوصلا بلند آهن سنڌ جي آجپي واري جدوجهد جاري رهندي.

ذريعا