جيئي سنڌ متحده محاذ جي باندي اڳواڻن جي ملاقات تي پابندي ۽ تشدد خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان مظاهرو

وڪي اخبار کان
فائل:Jsmm protest.JPG
جسمم جو مظاهرو (فوٽو: هلچل)

24 نومبر 2006

جيئي سنڌ متحده محاذ جي اسير اڳواڻن تي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ تشدد ۽ ملاقات تي پابندي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاجي مظاهري دوران آصف ڀٽو، شاهنواز زنئور، علي ديشي ۽ ٻين چيو ته جڏهن اسان سينٽرل جيل حيدرآباد مذڪوره اڳواڻن سان ملاقات لاءِ وياسين ته جيل انتظاميه ملاقات ڪرڻ نه ڏني جنهنڪري سموري سنڌ مان آيل سندن دوستن ۽ ڪارڪن کي واپس موٽايو ويو.

مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته اسير اڳواڻن کي سياسي قيدين مطابق جيل مينوئل تحت سهولتون ڏيئي مٿن جاري تشدد ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ سخت احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

ذريعا