جيئي سنڌ متحده محاذ جي تازو ظاهر ڪيل ٻن اڳواڻن مظفر ڀٽي ۽ ستار هڪڙي تي تشدد ڪيو پيو وڃي، وارثن جو الزام

وڪي اخبار کان

15 نومبر 2006

جيئي سنڌ متحده محاذ جي تازو ظاهر ڪيل ٻن اڳواڻن مظفر ڀٽو ۽ ستار هڪڙو لاءِ گذريل ڏينهن ڄامشورو پوليس ستن ڏينهن جو ريمانڊ ورتو هو. اڳواڻن جي وارثن انهن جي باري ۾ صحافين کي ٻڌايو آهي ته مظفر ڀٽو ۽ ستار هڪڙو تي پوليس طرفان تشدد جاري آهي.

وارثن وڌيڪ ٻڌايو ته جيئن سميع الله ڪلهوڙي کي تشدد جي ذريعي ماريو ويو هو ائين خدشو آهي ته هنن ٻنهي اڳواڻن سان پڻ ساڳي ڪار ڪئي ويندي. هنن چيو ته ملڪ اندر ٻٽو معيار هلي رهيو آهي هڪ طرف ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ۽ ٻين جا ڪيس ختم ڪيا ويا آهن ته ٻئي طرف قومپرستن تي جڙتو نوان ڪيس داخل ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي. وارثن سپريم ڪورٽ کي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

ذريعا