جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻن اڳواڻن کي ڪوٽڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالتي حڪم تي سينٽرل جيل حوالي

وڪي اخبار کان

18 نومبر 2006

جيئي سنڌ متحده محاذ جي ٻن اڳواڻن احمد خان تيوڻو ۽ ذوالفقار خاصخيلي کي ڪوٽڙي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت کين چالان ڪندي حيدرآباد سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسمم ڪارڪنن کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ پوليس وٽائن ڌماڪيدار مادو، گرنيڊ ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي هئي. انهن تي ريل جي پٽڙي اڏائڻ جو الزام پڻ مڙهيو ويو آهي.

اڳواڻن جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته پوليس انهن تي ڪوڙا الزام لڳائي ڦاسائي رهي آهي. جڏهن ته گرفتار اڳواڻن صحافين کي چيو ته هو بي ڏوهي آهن. هنن وڌيڪ چيو ته ڪوڙا ڪيس مڙهي اسان کي سنڌ جي حقن جي جدوجهد ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي پر ڪنهن به صورت ۾ پٺتي نه هٽنداسين سنڌ لاءِ جدوجهد جاري رهندي.

ذريعا