جيش محمد جي ويڙهاڪ محمد افضل کي 20 آڪٽوبر تي ڦاهي ڏني ويندي

وڪي اخبار کان

ايڊيشنل سيشن جج رويندر ڪمار چيو آهي ته جيش محمد جي ويڙهاڪ محمد افضل کي 20 آڪٽوبر تي ڦاهيءَ چاڙهيو ويندو.

ياد رهي ته محمد افضل تي 2001ع ۾ پارليامينٽ تي حملي جو ڪيس هلندڙ هو. کيس اسپيشل پي او ٽي اي ۽ سيڪشن 302 تحت کيس ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

4 آگسٽ 2005ع ۾ سپريم ڪورٽ بيچ سندس ڦاسي جي سزا کي بحال رکيو جڏهن ته ٻئي کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

ذريعا