جگجيت ۽ گلزار جو غزل البم ”ڪوئي بات چلي“ ريليز ٿي ويو

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

ڀارت جي غزل ڳائڻي جگجيت سنگهه ۽ مشهور شاعر ۽ فلمساز گلزار جو گڏيل غزال البم ”ڪوئي بات چلي“ ريليز ٿي ويو آهي.

ان کان اڳ ٻنهي جو گڏيل البم ”مراسم“ جي نالي سان ريليز ٿي چڪو آهي. البم جي ريليز تقريب ۾ گلزار چيو ته جگجيت پنهنجي نوعيت جو ڀارت توڙي پاڪستان ۾ واحد فنڪار آهي جيڪو غزل کي بهترين انداز سان ڳائي ٿو. گلزار ڀوڳ ۾ چيو ته هي ماڻهو مون لاءِ نه پر جگجيت سنگهه جي ڪري گڏ ٿيا آهن.

ذريعا