حافظ حسين احمد استعفا جمع ڪرائي، ايم ايم اي ۾ استعفائن بابت اختلاف موجود

وڪي اخبار کان

16 نومبر 2006

عورت تحفظ بل جي قومي اسيمبلي مان منظوري کان پوءِ حافظ حسين احمد پنهنجي استعفا پارٽي قيادت حوالي ڪري ڇڏي آهي. قاضي حسين احمد ۽ پروفيسر غفور استعفا تي راضي آهن جڏهن ته مولانا فضل الرحمان وٽ تحفضات موجود آهن. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان جي پارٽي وٽ سڀني مذهبي جماعتن کان وڌيڪ سيٽون آهن.

ذريعن مطابق ايم ايم اي جي سپريم ڪائونسل جو اجلاس قاضي حسين احمد جي صدارت ۾ ٿيو جتي حافظ حسين احمد استعفا بابت پنهنجي موقف ۾ چيو ته مون پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته بل غير اسلامي آهي.

اجلاس ۾ فضل الرحمان استعفائن جي مخالفت ڪئي. اجلاس کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته 6 ۽ 7 ڊسمبر تي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڏايو ويندو جنهن ۾ استعفائن بابت ويچاريو ويندو.

ذريعا