حدود بل نافذ ڪرڻ ۾ جيڪا به صوبائي حڪومت رڪاوٽ وجهندي اها برطرف ٿي سگهي ٿي، شيرافگن

وڪي اخبار کان

26 نومبر 2006

پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيرافگن چيو آهي ته جيڪا به صوبائي حڪومت حدود بل لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجهندي اها برطرف ٿي سگهي ٿي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن سرحد ۽ بلوچستان جي حڪومتن حدود بل لاڳو ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وڌي ته سندن حڪومت برطرف ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايم ايم اي کي استعيفائون ڏيڻيون هجن ها ته بل جي منظوري وقت ئي ڏيئي ڇڏين ها.

شيرافگن چيو ته حدود بل سموري ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويندو، ان کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي جيڪڏهن صوبن روڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندن حڪومت کي ختم ڪيو ويندو.

ذريعا