حزب الله عراقي ويڙهاڪ گروپ مهدي مليشيا جي مدد ڪري رهي آهي، انهن هزار کان مٿي ماڻهن کي ٽريننگ ڏني

وڪي اخبار کان

28 نومبر 2006

نيويارڪ ٽائيمز آمريڪي خفيه اداري جي حوالي سان چيو آهي ته حزب الله عراقي ويڙهاڪ گروپ مهدي مليشيا سميت ٻين شيعه گروپن جي مدد ڪري رهي آهي انهن هزار کان مٿي ماڻهن کي سکيا ڏني.

عراقي مليشيا جنهن جي اڳواڻي مقتدالصدر ڪري رهيو آهي انهن جي ويڙهاڪن کي لبنان ۾ سکيا ڏني وئي. اهو پڻ چيو ويو آهي ڪجهه حزب الله ويڙهاڪن پڻ عراق جو دورو ڪري سکيا جي صورتحال جو جائزو ورتو.

ذريعن مطابق ايران ۽ شام پڻ ان حوالي سان مهدي مليشيا ۽ شيعه عراقي ويڙهاڪن جي مدد ڪري رهيا آهن.

ذريعا