حقيقي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ فوج کي واپس بيرڪن ڏانهن وڃڻو پوندو، بي نظير ڀٽو

وڪي اخبار کان

12 نومبر 2006

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بي نظير ڀٽو چيو آهي ته حقيقي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ فوج کي بيرڪن ۾ واپس وڃڻو پوندو. هن اها ڳالهه نيويارڪ ۾ هڪ نيوز ڪانفرس کي خطاب دوران چئي.

بي نظير ڀٽو وڌيڪ چيو آهي ته موجوده مشڪل صورتحال ۾ ملڪ جي سڀني پارٽين کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ضروري آهي. باقي فيصلو ڪرڻ عوام جي مرضي آهي ته اهي ڪهڙي پارٽي کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪن ٿا.

هن جو پ پ پ پنجاب ۾ ڪيل تبديلن بابت چوڻ هو ته اهو ايندڙ چونڊن لاءِ تياريءَ جو حصو آهي.

بي نظير وڌيڪ چيو ته درگئي ۽ باجوڙ جهڙن واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ تمام ڏکي صورتحال مان گذري رهيو آهي.

ذريعا

روزانه هلچل حيدرآباد