حيدرآباد ۾ قتل جي وارڌاتن ۾ اضافو

وڪي اخبار کان
حيدرآباد ۾ قتل جي وارڌاتن ۾ اضافو...رپورٽ: زبير زرار منگي..

حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻن الڳ الڳ پراسرار واقعن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ سخت زخمي ٿي پيو. حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ال آمنا ڪامپليڪس مان پراسرار حالت ۾ فوت ٿيل 24 ورهين جي نويد پٽ بشير جو لاش مليو آهي، جيڪو سکر جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. پراسرار نموني فوت ٿيل سکر واسي نوجوان نويد کي بلڪل ويجهي کان مٿي ۾ گولي لڳل آهي. هٽڙي ڀرسان ناريجا اسٽاپ جي رهواسي 16 ورهين جي نوجوان راشد پٽ جمعو بهرام کي سخت زخمي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو آهي. زخمي نوجوان جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.