حيدرآباد ۾ قتل جي وارڌاتن ۾ اضافو 2

وڪي اخبار کان

حيدرآباد ۾ وڌندڙ قتل جون وارڌاتون ۽ جاچ.رپورٽ: زبير زرار منگي.


حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ال آمنا ڪامپليڪس ۾ نويد شيخ واري قتل ڪيس ۾ وڏا ڦاٽ ڦاٽا آهن ۽ نوجوان جي قتل ڪيس ۾ هڪ نرس ۽ هڪ اردن جي شهري سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مڪي شاهه پوليس مارجي ويل 24 ورهين جي نويد شيخ جي والد بشير احمد شيخ جي فرياد تي اردن جي رهواسي محمد، سول اسپتال حيدرآباد جي نرس شگفتا انصاري ۽ سندس ڀاءُ شعيب تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري ورتو آهي. مقتول جي پيءُ بشير احمد شيخ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته شگفتا انصاري بئراج ڪالوني سکر جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندي هئي جتي نويد شيخ کي ساڻس پيار ٿي ويو ۽ ڪجهه عرصو اڳ هوءَ پنهنجي مائٽن سان گڏ حيدرآباد هلي وئي جتي محمد نالي اردن جي رهواسي سان سندس واسطو ٿيو. هن چيو ته محمد سندس پٽ کي فون تي ڌمڪيون پڻ ڏنيون جنهن بعد هن شگفتا سان ڳالهائڻ گهٽائي ڇڏيو هو. بشير شيخ چيو ته شگفتا انصاري 3 ڏينهن اڳ نويد شيخ کي فون ڪري سکر کان حيدرآباد گهرايو، جتي کيس قتل ڪيو ويو. هن چيو ته پوليس ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي ۽ پوليس جي چوڻ موجب ته انهن ٻن جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدار ظاهر ناهن ڪيا ويا. ا