حڪومت جا 7 سالن کان بينظير ڀٽو سان رابطا آهن: حاڪم زرداري

وڪي اخبار کان

Cautionهي خبر حوالن کان بغير آهي جنهنڪري اها تڪراري ليکبي، خبر جا ذريعا يا حوالا لکي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو.


پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ بينظير ڀٽو جي سهري حاڪم علي زرداري پريس ڪلب نواب شاهه ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو ته نواب اڪبر بگٽي جي قتل ۽ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن بعد نه صرف بلوچستان جي الڳ ٿيڻ ملڪ پاڪستان جو وجود پڻ خطري ۾ آهي.

هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ ڪورٽون انصاف نه ڏين ۽ ٿاڻا ازيت گهر هجن اهو ملڪ ڪيئن هلندو؟. هن چيو ته جن اسيمبلين ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه هجي انهن ۾ وڃڻ اجايو آهي. ملڪ ۾ ڪرپشن، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي انتها ٿي چڪي آهي ۽ اسٽاڪ ايڪسچينجن ۾ ڌاڙا لڳن ٿا. مرڪز صوبن جو ملڪيتون وڪڻي پاڻ کڻي ٿو. ايتري قدر جو سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ضلعي حڪومتن کي مرڪز هلائي رهيو آهي.