حڪومت سان خفيه ڳالهيون هلن پيون پر ڪجهه ڳالهين تي اختلاف آهن، بي نظير

وڪي اخبار کان
فائل:Benazir Bhutto2.jpg
اڳوڻي وزيراعظم بي نظير ڀٽو

پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ اڄڪلهه دبئي ۾ رهندڙ بينظير ڀٽو چيو آهي ته حڪومت سان خفيه طور تي پ پ جون ڳالهيون هلندڙ آهن پر اڃا ڪجهه ڳالهين تي اختلاف برقرار آهن.

هن وڌيڪ چيو آهي ته هوءَ واپس اچي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهي ٿي پر کيس اڃا مشڪلاتون نظر اچن پيون. هن اهي ڳالهيون هڪ انٽرويو دوران چيون.

بي نظير ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته هوءَ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اختلافن جي حوالي سان هن چيو ته 2007ع جي اليڪشن ۽ ٻين معاملن تي حڪومت سان سندس اختلاف برقرار آهن.

ياد رهي ته پاڪستان ۾ پ پ جي سنڀالداري ڪندڙ مخدوم امين فهيم ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه کان انڪار ڪندو رهيو آهي ته پ پ جا حڪومت سان ڪي به خفيه رابطه نه ٿيا آهن. بينظير ڀٽو جي اهڙي انڪشاف بعد اها ڳالهه پڌري ٿي آهي ته پردي پٺيان پ پ جا حڪومت سان خفيه رابطه هلندڙ هئا.

ذريعا