خودڪش بمبارن جي ٽريننگ پاڪستاني ڪيمپن ۾ ڪئي ويندي آهي، افغان نيشنل سيڪيورٽي

وڪي اخبار کان

افغانستان جي جاسوسي ايجنسي پاڪستان تي الزام هنيو آهي ته افغانستان جي سرحد ويجهو پاڪستاني علائقن ۾ ماڻهن کي خودڪش بم حملن ڪرڻ لاءِ سندن برين واش ڪيو ويندو آهي.

افغانستان جي نيشنل سيڪيورٽي جي ترجمان اهڙي دعوا انهن 17 ماڻهن جي حوالي سان ڪئي جن کي سندس چوڻ مطابق حملي ڪرڻ کان اڳ گذريل مهيني گرفتار ڪيو ويو هو.

ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته گرفتار سمورن ماڻهن قبول ڪيو آهي ته انهن کي خودڪش حملن جي ٽريننگ پاڪستان جي علائقن ۾ عرب، چيچن ۽ اُزبڪ استادن ڏني. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي اڻ پڙهيل ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي پاڪستاني ٽريننگ ڪيمپن ۾ تربيت ڏئي افغانستان موڪليو پيو وڃي.

ترجمان مطابق ڪيترائي عرب ۽ وچ ايشيا جا ويڙهاڪ افغانستان مان پاڪستان جي علائقن ڏانهن فرار ٿي ويا جڏهن آمريڪي فوجين افغانستان ۾ طالبان حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ حملو ڪيو هو.

ذريعا