خيرپور ۾ ناري تي ڪتا بڇي قتل ڪرڻ وارو مامرو

وڪي اخبار کان

خيرپور ۾ ڪاري قرار ڏنل ناري تي ڪتا بڇي قتل ڪرڻ وارو مامرو.. رپورٽ: زبير زرار منگي

پير ڳوٺ ويجهو 7 مهينا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري تسليم سولنگي جي ڏاڏِي مسمات ڪَمـُل مقتول ناريءَ تي ڪتا بڇڻ واري دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته سندس پٽ گلشير پنهنجي ڌيءَ جي قتل ۾ ملوث آهي، ايم اين اي نفيسا شاهه مقتول ناريءَ جي ڳوٺ پهچي معلومات حاصل ڪري رپورٽ صدر آصف زرداري ڏانهن اماڻي ڇڏي. مقتول ناري تسليم جي پيءُ گلشير پاران سندس ڌيءَ تي ڪتا بڇڻ واري دعويٰ کانپوءِ سينيٽ به ان جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. تسليم سولنگي کي 7 مهينا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ سندس مڙس ابراهيم پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو هو. صحافين جي ٽيم پاران واقعي جي شروعاتي طور ڪيل جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته 7 مهينا اڳ تسليم کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس پوسٽ مارٽم ڊاڪٽر حسنا خلجي ڪيو هو، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته تسليم جي موت جو سبب 3 گوليون لڳڻ هو، جڏهن ته سندس جسم تي تشدد جا ڪي به نشان موجود نه هئا. ايس پي ۽ ٻين آفيسرن تي ٻڌل جاچ ٽيم علائقي ۾ پهچي مقتول عورت جي وارثن توڙي علائقي واسين جا بيان قلمبند ڪيا ۽ ايم اين اي نفيسا شاهه به واقعي جي جاچ لاءِ ڳوٺ حاجن شاهه پهچي حقيقتون معلوم ڪيون. هن چيو ته حڪومت مڪمل طور اڻ ڌري رهندي ۽ جيڪا به ڌر ڏوهي ثابت ٿي ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. نفيسه شاهه مقتول ناري جي ڳوٺ مان مليل معلومات جي آڌار تي رپورٽ جوڙي صدر آصف زرداري ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي مقتول ناري تسليم جي ڏاڏِي مسمات ڪَمـُل ٻڌايو ته سندس پٽ گلشير ڪوڙو آهي ۽ هو پنهنجي ڀائرن کي هروڀرو ڦاسائي رهيو آهي. مقتول ناري تسليم جي ڏاڏي مسمات ڪمل چيو ته جنهن وقت تسليم کي سندس مڙس ابراهيم قتل پئي ڪيو، ان وقت گلشير به ساڻس ٻٽ بڻيل هو. مسمات ڪَمُل چيو ته گلشير جي زال ذاڪرا اوڙي پاڙي وارن کان سون وٺي ڳاري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي قرضين کان بچڻ لاءِ ٻئي زال مڙس ڪراچي ڀڄي ويا آهن ۽ ڊرامو ڪندي چئي رهيا آهن ته تسليم تي ڪتا بڇيا ويا هئا.......