راولپنڊي جي اذيت خانن ۾ ملڪ جي مختلف حصن مان گرفتار چوڏنهن ماڻهو قيد آهن، تازو آزاد ٿيل سليم بلوچ جو انڪشاف

وڪي اخبار کان

20 ڊسمبر 2006

راولپنڊي جي اذيت خانن ۾ ملڪ جي مختلف حصن مان گرفتار چوڏنهن ماڻهو قيد آهن، اهڙو انڪشاف تازو آزاد ٿيل جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ سليم بلوچ ڪيو آهي.

سليم بلوچ جو چوڻ آهي ته قيدي اتي تنگ ٿي خودڪشي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن اهو پڻ انڪشاف ڪيو آهي ته راولپنڊي جي جنهن اذيت خاني ۾ کيس رکيو ويو اتي تصويرون لڳل هيون جنهن مان هڪ تصوير ۾ ڪنهن ماڻهو کي ذبح ڪندي ڏيکاريو ويو هو.

سليم بلوچ قيد ماڻهن جا نالا صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته اهي ماڻهو اڃا تائين انهن اذيت خانن ۾ قيد آهن.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته کيس اهو اعتراف ڪرڻ جو چيو ويندو هو ته سندس تعلق بلوچستان لبريشن آرمي سان آهي ۽ ان لاءِ پاڙيسري ملڪ کان پنجاه ڪروڙن جو اسلحو خريد ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته سليم بلوچ کي ڪراچي لياري مان سادن ڪپڙن پاتل اهلڪارن گرفتار ڪيو هو.

ذريعا