رني ڪوٽ جو هلڪو مرمتي ڪم ٿي گذريو، سيمينٽ جي استعمال تي اعتراض

وڪي اخبار کان

رني ڪوٽ ۾ ان جي ڀرندڙ اڏاوتن سبب اُتي مرمت جو هلڪو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. رِني ڪوٽ دنيا جي قديم ترين قلعن ۾ شمار ٿئي ٿو. جنهن کي ورلڊ هريٽيج قرار ڏنو ويو آهي.

رني ڪوٽ کيرٿر جبلن جي سلسلي ۾ آهي، ان کي 1975ع جي هڪ قانون تحت محفوظ ڪيو ويندو آهي. رني ڪوٽ کي محفوظ بنائڻ واسطي سيمينٽ جو استعمال ڪيو ويو آهي، سن دروازي ڀرسان موجود مسجد کي مڪمل طور سيمينٽ سان مرمت ڪري بحال ڪيو ويو آهي.

ذريعن مطابق سيمينٽ جي استعمال تي اعتراض ڪندي چيو ويو آهي ته اهو پراڻي مٽيريل سان جوڙجڪ طور مضبوط نه رهي سگهندو.

ذريعا