روس طرفان آمريڪي دٻاءَ باوجود ايران کي هٿيارن جي فراهمي شروع

وڪي اخبار کان

25 نومبر 2006

روس آمريڪي دٻاءَ باوجود ايران کي هٿيارن جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي. اطلاعن مطابق ايران کي زمين کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائل ٽور ايم 1 جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف آمريڪا جو دٻاءَ آهي ته ايران جي ڪوبه ملڪ هٿيارن جي سلسلي ۾ مدد نه ڪري. اهڙي دٻاءَ باوجود روس ايران کي هٿيارن جي فراهمي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعا