رٿابندي تبديل ڪري سگهون ٿا پر پاليسي تبديل نه ڪنداسين، آمريڪي صدر

وڪي اخبار کان

21 آڪٽوبر 2006

آمريڪي صدر بش چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته هو عراق ۾ فوجي رٿابندي جي حوالي سان تبديلي جي اجازت ڏئي ڇڏي پر بنيادي پاليسي ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي ويندي.

صدر بش ڇنڇر ڏينهن جرنيلن کي وڊيو خطاب ڪندو، جنهن ۾ غور ڪيو ويندو ته عراق ۾ وڌندڙ تشدد کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو. ان ڳالهه تي پڻ غور ڪيو ويندو ته رٿابنديءَ ۾ ڪهڙي تبديلي آندي وڃي.

جڏهن ته آمريڪي وزير دفاع جو چوڻ آهي ته اهو آمريڪي پاليسي جو حصو آهي ته آمريڪي فوج آهستي آهستي عراق جو سمورو ڪنٽرول اتان جي مقامي اختيارين حوالي ڪري ڇڏين.

ذريعا