رڪ سنڌي

وڪي اخبار کان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ کي بڇايل اماڙيون ۽ نئين سال جي ايجنڊا رڪ سنڌي

سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کي انتهاپسند قوتن نفرت جي باهه ۾ ساڙڻ لاءِ 28 ڊسمبر 2009ع تي وڏي رٿابندي سان حملو ڪيو آهي. يوم عاشوري جي موقعي تي عزادارن جي مرڪزي جلوس ۾ ٿيل حملي ۾ هڪ طرف 50 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ سوين ماتمي زخمي ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿيا آهن ته ٻئي طرف ان حملي بعد اڳواٽ طئه ٿيل رٿابندي هيٺ ڪراچي جي اهم واپاري مرڪزن تي حملو ڪري بولٽن مارڪيٽ سميت ڊزن کن ننڍن وڏن مارڪيٽن ۽ عمارتن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار کان وڌيڪ دڪان، آفيسون ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز سڙي ڀسم ٿي ويا آهن. جڏهن ته حملي آورن 100 کان وڌيڪ گاڏين کي به ساڙي تباهه ڪيو آهي. ڪراچيءَ کي تباهه ڪرڻ ۽ سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري هاڃو رسائڻ جو اهو عمل ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر سرانجام ڏنو ويو. هڪ طرف شهري بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ۽ شهيد ٿيل پنهنجا پيارا ڳولي رهيا هئا ته ٻئي طرف هڪ منظم گروهه شهر جي مک ڪاروباري مرڪز ۾ ساڙ ٻار جو عمل شرو ع ڪري ڏنو. ڪراچيءَ ۾ يوم عاشوري واري ڏهاڙي ٿيل هيءَ ڪارروائي ڪا اوچتو عمل ۾نه آئي هئي، نه وري ڪو حادثو هيو. پر اهڙي دهشتگرديءَ جا انديشا ان ڏينهن کان موجود هئا، جنهن ڏهاڙي سنڌ جي ڌرتي تي پهريون ڌاريون ماڻهو داخل ٿيو هو. سنڌ واسين جا ڏوهه ته ان ڏينهن کان ڏڪي رهيا هئا، جنهن ڏهاڙي سنڌ حڪومت جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ افغانستان کان آيل افغان پناهگيرن کي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد ڪرڻ جا سانباها ڪيا هئا، جڏهن اسان جي معيشت جي مرڪزي شهر ۾افغانين جون بستيون آباد ٿيون هيون ته ڌرتي ڌڻين ان سڄي عمل کي سنڌ جي امن کي اماڙيون بڇائڻ جي هيبتناڪ سازش قرار ڏنو هو. افغانين جي سنڌ ۾ آمد بعد هتان جا ماڻهو پهريون ڀيرو ڪلاشنڪوف ڪلچر کان واقف ٿيا هئا. ڪابل ۽ قنڌار ۾ استعمال ٿيل بارود سرحدون ٽپي ڀٽائي جي امن واري ديس کي گهائڻ شروع ڪيو هو، اسان سنڌ جا ماڻهو جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور کان وٺي مسلسل اهي دانهون ڪندا رهياسين ته ٻيلي سنڌ جون سرحدون تاتارين، چنگيز خان ۽ مدد خان جي پوئلڳن لاءِ نه کوليو، درندن ۽ وحشين جا اهي لشڪر ماضيءَ وانگر سنڌ کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندا، پر محڪوم بڻايل ماڻهن جي دانهن تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. پوءِ دنيا ڏٺو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جا شهر ۽ وسنديون بارود سان واسجي ويون. اسان پنهنجن پيارن جي ڪفن دفن ۾ مصروف ٿي وياسين. جڏهن سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ مذهبي جنونيت خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو ته ان وقت به سنڌ جون سرحدون پناهگيرن جي ڪٽڪن لاءِ کولي امن ۽ رواداري واري ماحول کي سوليءَ تي چاڙهڻ جا سنباها ڪيا ويا. سنڌ جي ماڻهن دانهون ڪيون، مظاهرا ڪيا، بک هڙتالون ڪيون پر اسان جا حڪمران مهمان نوازيءَ جي نالي بدامني جا کوليل در بند ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا. سرحد صوبي جي پهاڙن مان آيل پناهگير نه فقط سنڌ ۾ داخل ٿيا پر هنن پاڻ سان گڏ دهشت ۽ ڏهڪاءَ جا سڀ سامان هڙن ۾ ٻڌي آندا. لکين سواتين ۽ مالاڪنڊين سان گڏ اهي دهشتگرد به منهنجي ڌرتيءَ تي پهچي ويا، جيڪي فوجي آپريشن بعد محفوظ هنڌ جي تلاش ۾ هئا. حڪمرانن سوات ۽ مالاڪنڊ کي ته محفوظ بنائڻ تي شادمانا ملهايا پر انهن ان ڳالهه ڏانهن قطعن ڌيان نه ڏنو ته اهي وحشي ۽ درندا سنڌ ديس ۾ ڪهڙا اچي هاڃا ڪندا. اسان سوات ۽ مالاڪنڊ کي محفوظ بنائڻ تي ارها نه هياسين پر ان امن جي قيمت تي منهنجي ديس کي ساڙڻ جا جيڪي سانباها ڪيا ويا. ان ڏانهن اسان جي حڪمرانن ڪو به ڌيان نه ڏنو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي معصوم ماڻهن کي جيئندان ڏيڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا. اسان جي شهر ڪراچيءَ ۾ ٻين صوبن کان آيل ماڻهو جنهن نموني طاقتور ٿيڻ لڳا ۽ هتان جي ڌرتيءَ تي والار ڪرڻ لڳا، ان سڄي عمل کان اسان جا حڪمران چٽيءَ طرح واقف هيا، ڪراچيءَ ۾گذريل ٻه سالن دوران سوات، مالاڪنڊ ۽ وزيرستان سميت اترين علائقن سان واسطو رکندڙ ڪيترائي دهشتگرد سوگها ڪيا ويا، جن وٽان ايترو بم ۽ بارود مليو جيڪو حڪمرانن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هو. پر پوءِ به هتان جي عوام جي ان مطالبي کي مان نه ڏنو ويو ته “سنڌ مان ڌارين ماڻهن کي تڙي ڌرتي ڌڻين کي محفوظ بڻايو وڃي”. حڪمران يڪجهتي جي نشي ۾ايڏو ته سرشار هيا جو هنن سنڌ ۾ طالبان جي ڪٽڪن داخل ٿيڻ جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو. اٽلندو سنڌي ماڻهن جي آواز کي چٿرن ۽ ٽوڪن جي ور چاڙهي ڇڏيو. ڪراچيءَ ۾ 28 ڊسمبر تي جيڪا قيامت برپا ڪئي وئي، ان جي پويان موجود هٿ ڪنهن کان به لڪل نه آهن، جڏهن پابندي پيل تحريڪ طالبان ڪراچي ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي آهي ته هاڻي ته سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پيا آهن. سنڌ جا ماڻهو ته ڇڏيو پر سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته طالبان ڪٿان جا آهن، ڪٿي ڄاوا نپنا آهن، طالبان دهشتگردن جا مرڪز نه سنڌ ۾ آهن ۽ نه وري بلوچتسان جي ڌرتي تي انهن لاءِ ڪا گنجائش موجود آهي. دنيا جا سڀ امن پسند ماڻهو ڄاڻن ٿا ته سنڌي ۽ بلوچ قومون مذهبي ۽ فرقيوار جنونيت کان آجيون آهن، سنڌي قوم جو ڪوبه فرد ڪڏهن به دهشتگرديءَ ۽ اتنهاپسندي جو حامي نه رهيو آهي. شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڌرتيءَ کي پنهنجي مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرازم جي سزا ڏني پئي وڃي. صوفين جي ديس کي ان ڪري ساڙي ڀسم ڪرڻ جا سامان گڏ ڪيا پيا وڃن جو هن ڌرتيءَ وٽ دنيا لاءِ امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام موجود آهي. اڄ جڏهن سنڌ ۾ سرحد پار کان آيل درندا ۽ وحشي منهنجي شهرن کي ساڙي ٻاري ڀسم ڪرڻ لاءِ ميدان تي آيا آهن ته ان وقت اسان جي حڪمرانن کي اکيون کولڻ گهرجن. سنڌي ماڻهن جي ان پراڻي مسلسل گهر کي مان ڏيڻ گهرجي ته شاهه لطيف جي ديس ۾ آيل مڙني پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي هتان جي معصوم ماڻهن جي مستقبل کي محفوظ بڻايو وڃي. ڪراچي سميت سنڌ جي مڙني وسندين مان سواتين، مالاڪنڊين، وزيرستان واسين ۽ افغانين کي ڪڍي پنهنجن وطنن ڏانهن موڪلڻ جا بندوبست ڪيا وڃن. سنڌ جو هر ٻچو ۽ ٻار، ٻڍو ۽ جوان، ڀيڻ ۽ ماءُ تڏهن محفوظ رهي سگهي ٿي، جڏهن هتان درندن جا ٿاڪ ۽ وٿاڻ مڪمل طور تي ختم ڪيا وڃن. ان لاءِ سنڌ جي هر پارٽي ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهو کي گڏجي حڪومت مٿان اهو زور بار وجهڻ گهرجي ته اسان جي ڌرتي کي ڪابل، قنڌار، سوات ۽ مالاڪنڊ بنائيندڙ ٽولن کي بنا دير جي پنهنجن وسندين ڏانهن موڪليو وڃي. جيڪڏهن اڃا به اسان ملڪي وحدت ۽ يڪجهتيءَ جي نانءَ تي سنڌ جون سرحدون ٻاهرين ماڻهن لاءِ کليل رکيون ته پوءِ خبر ناهي ته اسان جي ڪيترن مائرن ۽ ڀينرن کي پنهنجن پيارن جا لاش وصول ڪرڻا پوندا. اڃا ڪيتريون ونيون پنهنجن ورن جا مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ مرده خانن جا چڪر ڪاٽينديون. اڄ جڏهن نئين سال 2010ع جي شروعات ٿي رهي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي مڙني ساڃهه وندن کي نئين سال جي ايجنڊا ۾ “سنڌ کي ڌارين کان پاڪ ڪرڻ” وارو نقطو شامل ڪرڻ گهرجي، هن سال ۾ جيڪڏهن اسان سنڌ کي ڌارين جي ڪٽڪن کان بچائڻ ۾ ڪامياب وياسين ته هي سال سنڌ لاءِ سڦلائتو ثابت ٿيندو. ruksindhi@yahoo.com