زلزلي بعد بلوڇستان جي صورتحال

وڪي اخبار کان

بلوچستان ۾ زلزلي کانپوءِ جي صورتحال تي هڪ نظر--رپورٽ: زبير زرار منگي.....

بلوچستان ۾ زلزلي کانپوءِ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي، ٿڌ ۾ اضافي سبب متاثر وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪوئيٽا، زيارت، پشين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب عوام ۾ خوف آهي. زلزلي سبب زيارت ضلعي جو شهر وام مڪمل طور تباهه ٿي ويو،يوسي ڪڇ ۽ ڪواس ۾ وڏي تباهي آئي، جنهن سبب زيارت ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جا 70 هزار ماڻهو اڃا تائين بي گهر آهن. 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهو خيما بستين ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، جتي پڻ سيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافي سبب سندن مشڪلاتون وڌي رهيون آهن. زلزلي متاثرن کي خيما بستين ۾ کاڌ خوراڪ ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. متاثرن جو چوڻ آهي ته ٿڌ ۾ اضافي سبب ٽينٽن ۾ زندگي گذارڻ مشڪل ٿي وئي آهي، ان ڪري وڌيڪ ٽينٽ ۽ ڪمبل فراهم ڪيا وڃن. زلزلي متاثر علائقن جي سروي لاءِ جوڙيل ٽيم سروي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ مختلف علائقن ۾ وڃي جاني ۽ مالي نقصان جا انگ اکر گڏ ڪري رهي آهي. ڊي جي موسميات قمرالزمان چوڌري موجب متاثر علائقن ۾ وڌيڪ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري رهندو پر وڏي زلزلي جا امڪان گهٽ آهن.