زلزلي سٽيل علائقن ۾ جنسي استحصال، امدادي ادارن تي الزام

وڪي اخبار کان

پاڪستاني ڪشمير ۾ امداد لاءِ ڪم ڪندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارن تي اُتان جي عورتن الزام لڳايو آهي ته اهي کين جنسي طور حراسان ڪري رهيا آهن.

ڪشمير ۾ عام طور عورتون ادارن ۾ ڪم نه ڪنديون آهن پر زلزلي واري صورتحال کان پوءِ آيل تبديلي سبب ڪافي عورتن مختلف ادارن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کان پوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته کين جنسي طور حراسان ڪيو پيو وڃي.

هڪ عورت شگفته جو چوڻ آهي ته کيس نوڪري دوران اها پيشڪش پڻ ڪئي ويندي هئي ته کيس عهدي تي ترقي ڏني ويندي جيڪر هوءَ ساڻن رات گذاري. هن جو چوڻ هو ته اهڙين حالتن کي ڪيتريون ئي عورتون منهن نه ڏئي سگهيون ۽ ادارن جي مردن طرفان وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پيون.

هڪ ٻي عورت جو چوڻ هو ته اهي مرد پاڻ سان ننڊ جون گوريون پڻ رکندا هئا ۽ اهڙيون خبرون به شايع ٿيون هيون ته ڪجهه عورتون ڪم يا سفر دوران بي هوش ٿي ڪري پيون.

هڪ ٻي عورت زينب مطابق پاڪستان ۾ عورتن سان گڏ ڪم ڪندڙ مردن جو رويو انتهائي نامناسب هوندو آهي. زلزلي ۾ اسان جا گهر تباهه ٿيا آهن اهڙا ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان پنهنجو سڀ ڪجهه پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

ذريعا