سارو گنگولي ٻيهر ڀارتي ٽيم ۾ شامل، ڏکڻ آفريڪا جي اسڪواڊ ۾ سندس نالو شامل ڪيو ويو

وڪي اخبار کان

30 نومبر 2006

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي سابق ڪپتان سارو گنگولي چيو آهي ته هو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ سليڪٽ ٿيڻ ته خوش آهي. سليڪٽر دليپ وينگسارڪر طرفان نالن جي اعلان بعد گنگولي هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.

گنگولي مسلسل ناڪامي سبب ٽيم کان ٻاهر ٿيل هو ۽ هاڻ سندس نالو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٿيندڙ ٽيسٽ سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

گنگولي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڏکڻ آفريڪا سان ٽيسٽ سندس لاءِ پڻ چيلينج جي حيثيت رکي ٿو ۽ مان حالتن مطابق بهتر راند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

ذريعا