سامونڊي ٻيٽ پرڏيهي ڪمپنيءَ کي ڏيڻ خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ احتجاج جو فيصلو

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ذريعا نه لکيا ويا آهن ان ڪري هي خبر تڪراري آهي. حولا لکي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو.


پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبليءَ جي جمعي کان شروع ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪراچي جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپنيءَ حوالي ڪرڻ، صوبي ۾ بد امني ۽ سنڌ ڪابينا ۾ واڌ وارا معاملا اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ حڪمت عملي سڀاڻي پ پ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ طئي ڪئي ويندي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به غور ڪيو ويندو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪارن جي مقرريءَ کي ڪڏهن ۽ ڪيئن چيلنج ڪيو وڃي.