سانچو بحث:مضمون لکڻ شروع ڪريو

Page contents not supported in other languages.
وڪي اخبار کان

منھنجي خيال ۾ تھ ھر مضمون جو ھڪ عنوان ھوندو آھي، جنھن سان مضمون سڃاتو ويندو آھي. تنھنڪري لفظ سرو کان لفظ عنوان بھتر رھندو. ٻيو عرض اھو تھ ڪوشش ڪري ڳنڍڻن جا نالا اھڙا رکو جن سان ھڪجھڙائي ۽ يڪسانيت پيدا ٿي ۽ مفاھمت محسوس ٿي. جيئن تھ وڪيپيڊيا ۽ وڪشنري پراڻيون رٿائون آھن، تنھنڪري ساڳيا اھي ئي لفظ استعمال ڪجن جيڪي اتي استعمال ٿيل آھن تھ بھتر رھندو. ٻين کان بھ راءِ وٺي ڏسندا.

Aursani 07:21, 10 آڪٽوبر 2006 (UTC)

سائين اوهان جي صلاح اکين تي، منهنجي راءِ يا لفظ قطعي طور حرف آخر نه آهن. لفظ ”سرو“ جو مطلب آهي مُنڍ ۽ ان ئي لفظ کي ادبي حلقن عنوان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ استعمال ڪيو آهي، هتي ٽائيٽل جو متبادل عنوان ئي هجڻ گهرجي پر هيڊلائن لاءِ سرو ئي بهتر لفظ آهي. پوءِ به سائين هي آخري راءِ نه آهي مان پنهنجي عقل ۽ فهم تحت ڪم ڪريان پيو، جڏهن ڪجهه دوستن جا رايا ظاهر ٿيندا ته بدلائي وٺبو، اڃا ته شروعات آهي. Zafar 09:32, 10 آڪٽوبر 2006 (UTC)