سانگهڙ ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو

وڪي اخبار کان

سانگهڙ ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو...رپورٽ: زبير زرار منگي.. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سانگهڙ جي حڪم تي سول جج پريتم آباد ٿاڻي تي ڇاپو هڻي مبينا طور باندي بڻايل 3 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سانگهڙ امجد علي ٻوهيو جي حڪم تي سول جج سانگهڙ ملڪ محمد يوسف پريتم آباد ٿاڻي تي ڇاپو هڻي 4 ڏينهن اڳ مبينا طور ناحق باندي بڻايل محمد صادق پٺاڻ ۽ سندس ٻن پٽن رياض احمد ۽ ارشاد احمد کي ڪڪڙن جي هڪ فارم مان بازياب ڪرائي ورتو آهي. سيشن جج پاران کڏڙو ۽ پريتم آباد ٿاڻن جي انچارجز کي سڀاڻي عدلت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.