سرحد جي شهر هري پور جي هڪ اسلامي مرڪز تي ڇاپو 150 باندي بڻايل ماڻهو آزاد

وڪي اخبار کان

سرحد صوبي جي شهر هري پور ۾ پوليس هڪ اسلامي مرڪز تي ڇاپو هڻي 150 ماڻهن کي آزاد ڪرائي ورتو آهي. خبر موجب انهي مرڪز جي ست ماڻهن کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو آهي.

وڌيڪ چيو ويو آهي ته مرڪز ۾ باندي بڻايل ماڻهن تي جسماني توڙي جنسي تشدد ڪيو ويندو هو. پوليس کي اهڙو اطلاع مرڪز مان فرار ٿيل ٻن ماڻهن ڏنو. آزاد ٿيلن مان هڪ همراهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اتي ڪجهه پرڏيهي ماڻهو پڻ قيد هئا. هن وڌيڪ چيو ته اتي انتهائي ناموزون کاڌو ڏنو ويندو هو ۽ جسماني تشدد پڻ ڪيو ويندو هو.

ذريعا