سرحد صوبو دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي:پ پ وزير

وڪي اخبار کان
   رپورٽ: زبير زرار منگي..............

پ پ سرحد جي صدر ۽ سينيئر وزير رحيم داد خان چيو آهي ته پاڪستان خاص ڪري سرحد صوبو دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهي. پشاور ۾ پ پ جي پارلياماني ميمبرن ۽ ضلعي عهديدارن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گورنر اويس غني جي تبديلي، وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحيم داد خان چيو ته موجوده حڪومت کي ڪيترائي مسئلا ورثي ۾ مليا آهن، ان جي باوجود حڪومت بيروزگاري جي خاتمي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ خاص ڪري سرحد صوبو دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهي. رحيم داد خان چيو ته سوات ۽ باجوڙ جي متاثرن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. حڪومت سمورا واعدا پورا ڪندي. رحيم داد خان چيو ته ايف سي آر ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن ۽ فاٽا ۾ غربت ختم ڪري ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو. هن چيو ته مخالف ڌر جون پارٽيون اجائي تنقيد بدران تجويزون ڏين ته جيئن گڏيل حڪومت بهتر انداز ۾ معاملا حل ڪري سگهي.