سرحد ۾ هڪ بس جي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ چار فوجين سميت ويهه ماڻهو فوت
ڏيک
8 ڊسمبر 2006
سرحد ۾ هڪ بس جي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ چار فوجين سوڌو ويهه ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. اها بس راولپنڊي کان اتر جي علائقي استور وڃي رهي هئي.
سرڪاري ذريعن مطابق حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو جنهنڪري بس ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهيءَ ۾ وڃي ڪري.
ذريعن مطابق امدادي ڪاروائيون جاري آهن چوڏنهن لاشن کي کاهيءَ مان ڪڍيو ويو آهي. وڌيڪ لاشن کي ڪڍڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر گهرايو ويو آهي.