سريلنڪا جي فوج ۽ تامل باغين وچ ۾ ويڙهه 129 مارجي ويا

وڪي اخبار کان

سريلنڪا جي فوج ۽ تامل باغين ۾ ويڙه سبب گهٽ ۾ گهٽ 129 ماڻهو مارجي ويا آهن. مارجي ويلن جو اهو تعداد 2002ع کان پوءِ سڀ کان وڏو آهي.

سريلنڪا ۾ تامل باغين جي اها تحريڪ ٽيوهه سالن کان جاري آهي، تامل باغين جو مطالبو آزاد رياست جي قيام جو آهي.

سريلنڪا فوج جي ترجمان مطابق لڳ ڀڳ ٽي سو فوجي زخمي ٿي پيا ۽ سندن هڪ فوجي تامل باغين جي قبضي هيٺ آهي. ترجمان مطابق فوج، تامل باغين جا ٻه سو ماڻهو ماريا آهن جڏهن ته تامل باغي ذريعن مطابق فوج صرف 22 ماڻهن کي ماريو آهي. آزاد ذريعن وٽان تصديق نه ٿي سگهي آهي.

ذريعا