سريلنڪا ۾ بم ڌماڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 90 ماڻهو مارجي ويا، ڪيئي زخمي

وڪي اخبار کان

سريلنڪا جي هڪ نيوي جي قافلي تي بم حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 90 ماڻهو مارجي ويا. مارجي ويلن جو تعداد اڃا به وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

چيو ويو آهي ته حملو هڪ خودڪش حملو هو، جيڪو تامل باغين طرفان ڪيو ويو. اهو حملو ان قافلي تي ڪيو ويو جيڪو بحريه جي ماڻهن کي کڻي وڃي رهيو هو.

سريلنڪا جي فوجي ذريعن مطابق ان علائقي مان 67 لاش وصول ٿي چڪا آهن، انهيءَ ڌماڪي ۾ سٺ کان مٿي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته اربع تي ٿيل ويڙهه ۾ 119 فوجي مارجي ويا هئا، جڏهن ته سو ڄڻا زخمي ٿيا هئا.

ذريعا