سريلنڪا ۾ سرڪاري فوج ۽ تامل باغين وچ ۾ جهڙپون، 26 ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

24 نومبر 2006

سريلنڪا جي فوج ۽ تامل باغين وچ ۾ ويڙهه جي نتيجي ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا آهن. فوجي ذريعن سريلنڪا جي اڀرندي علائقي ۾ 19 تامل باغي مارڻ جي دعوا ڪئي آهي.

خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته وڌندڙ جهڙپن سبب اها ويڙهه ڳري جنگ جو روپ وٺي سگهي ٿي. بٽيڪالوا جي علائقي ۾ تامل باغين جي سرڪاري فوجن تي حملي بعد ڪاروائي لاءِ هوائي فوج ۽ ٽينڪون روانيون ٿيون. هوائي حملن ۾ 15 ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. ٻئي علائقي ۾ پڻ چئن ويڙهاڪن کي ماريو ويو.

ٻئي طرف تامل ذريعن دعوا ڪئي آهي ته انهن جو هڪ ماڻهو جڏهن ته فوج جا ست اهلڪار مارجي ويا آهن. آزاد ذريعن وٽان تصديق نه ٿي سگهي آهي.

ذريعا