سريلنڪا ۾ فوج ۽ تامل باغين ۾ ويڙهه 15 تامل باغي مارڻ جي دعوا، ٻئي طرف هڪ بم ڌماڪي ۾ 4 فوجي مارجي ويا

وڪي اخبار کان

18 نومبر 2006

سريلنڪا ۾ فوج ۽ تامل باغين ۾ ٿيل ويڙهه جي نتيجي ۾ سريلنڪا جي سرڪاري ذريعن 15 تامل باغين کي مارڻ جي دعوا ڪئي آهي. ٻئي طرف هڪ بم ڌماڪي ۾ سريلنڪا جا 4 فوجي پڻ مارجي ويا جڏهن ته 18 زخمي ٿي پيا. بم ڌماڪي جو الزام تامل باغين تي لڳايو ويو آهي.

سريلنڪا جي بحريه جي ترجمان موجب فوج تامل باغين جون ٽي ٻيڙيون پڻ تباهه ڪيون آهن. ٻيڙين تي جنگي جهازن بمباري ڪري انهن کي تباه ڪيو. انهي ويڙهه جي نتيجي ۾ نيوي جا چار اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا.

ذريعا