سريلنڪن حڪومت ۽ تامل ٽائگرز وچ ۾ امن ڳالهين جو پهريون ڏينهن، خاص پيش رفت نه ٿي

وڪي اخبار کان

29 آڪٽوبر 2006

سريلنڪن حڪومت ۽ تامل ٽائگرز وچ ۾ ٿيندڙ امن ڳالهين جي پهرين ڏينهن ٻئي ڌريون ڪنهن خاص فيصلي تي نه پهچي سگهيون آهن.

گذريل اٺن مهينن دوران اهو پهريون ڀيرو آهي جو ٻئي ڌريون امن ڳالهين لاءِ گڏ ويٺيون آهن.

ياد رهي ته ان کان اڳ پڻ ٻه ڀيرا اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون هيون جيڪي ناڪام ثابت ٿيون. ذريعن مطابق موجوده ڳالهيون عالمي دٻاءَ سبب ڪيون پيون وڃن جڏهن ته اصل ۾ ٻئي ڌريون امن ڳالهين لاءِ راضي نه آهن.

تامل ٽائگرز مطابق آگسٽ ۾ بند ڪيل جافنا ۽ سريلنڪا کي ڳنڍيندڙ شاهراهه کولڻ جي صورت ۾ ئي ڪنهن ڪاميابيءَ جو امڪان آهي.

سرڪاري ذريعن مطابق گذريل جولاءِ کان هن وقت تائين سيڪيورٽي فوج جا 327 اهلڪار ۽ 128 عام شهري ان ويڙهه ۾ مارجي ويا آهن.

ذريعا