سريلنڪن نيوي ڇهه تامل ٽائيگرز کي ماري ڇڏيو آهي، نيوي ترجمان

وڪي اخبار کان

10 نومبر 2006

سريلنڪا جي نيوي ترجمان موجب نيوي تامل ٽائيگرز جي ٻن ٻيڙين کي تباه ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڇهه تامل ٽائيگرز مارجي ويا آهن.

ترجمان چيو ته ٻيڙين ۾ ڌماڪيدار مادو موجود هو. جنهنڪري وڏا ڌماڪا ٻڌڻ ۾ آيا. جيڪي ماڻهو به ٻيڙين تي سوار هئا سمورا مارجي ويا.

چيو ويو آهي ته آزاد ذريعن نه هجڻ سبب مارجي ويلن جي تصديق ڪٿان به نه ٿي سگهي آهي.

ذريعا