سنڌي اسڪول بند ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت جو فيصلو

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر جا ذريعا يا حوالا ۽ ڪابه ڪيٽگري لکيل نه آهي، خبر جا ذريعا ۽ ڪيٽگري لڳائي نوٽيس کي ختم ڪري سگهجي ٿو.


پاڪستان جي وفاقي حڪومت جي تعليمي وزير بيان ڏنو آھي ته ايندڙ پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ مڙني سرڪاري اسڪولن ۾ ذريعه تعليم انگريزي ڪيو ويندو، جڏھن ته ٻولين ۾ رڳو اردو پاڙھي ويندي. ان جو مطلب اھو ٿيو ته سمورا سنڌي ميڊيئم اسڪول بند ڪيا ويندا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت ختم ڪئي ويندي. نه رڳو ايترو بلڪه سنڌي ٻوليءَ کي ھڪ مضمون طور به نه پاڙھيو ويندو. اڃا افسوس ناڪ ڳالهه اھا آھي ته ان خلاف ڪنھن ھڪ به سنڌي سياسي يا غير سياسي تنظيم آواز نه اٿاريو آھي ۽ نه ئي ڪنھن سنڌي عالم يا اديب رد عمل ظاھر ڪيو آھي. سنڌي ميڊيا ڪالاباغ ڊيم جھڙن معاملن تي ته ڳالھائي ٿي پر سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي تي مظبوط آواز نه ٿي اٿاري.