سنڌي نوجوان پاران سپريم ڪورٽ اڳيان پاڻ کي باه ڏيئي ساڙڻ جي ڪوشش

وڪي اخبار کان
سپريم ڪورٽ اسلام آباد اڳيان پاڻ ساڙيندڙ نوجوان نياز

سومر تي اسلام آباد ۾ صبح جو يارهين بجي سانگهڙ جي هڪ سنڌي نوجوان پنهنجو پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏيئي ڇڏي سندس سٺ سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي. واضع طور هن جي ان عمل جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي، چيو پيو وڃي ته هن بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

نياز نالي ان نوجوان سپريم ڪورٽ اڳيان پاڻ کي باهه ڏني ۽ عمارت ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. اُتي موجود پوليس وارن سندس باهه وسائي کيس اسپتال پهچايو. اسپتال جي ذريعن مطابق نوجوان جو جسم گهڻو سڙي وڃڻ ڪري سندس حالت خراب آهي پر خطري کان ٻاهر آهي.

شروعاتي جاچ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته نوجوان نياز ٽن ٻارن جو پيءَ آهي ۽ بيروزگار پڻ آهي ۽ هو جن ماڻهن وٽ رهندو هو اهي کيس گهٽ وڌ پڻ چوندا رهندا هئا جنهن تي هن کي ڪاوڙ هئي. سنڌي ٽي وي چينل ڪي ٽي اين مطابق جڏهن نوجوان نياز جي پيءَ سان رابطو ڪيو ويو ته ان ٻڌايو، نياز جو ذهني توازن بلڪل درست آهي اها خبر نه آهي ته هن خودڪشي جي ڪوشش ڇو ڪئي آهي.

ذريعا