سنڌي پرنٽ ميڊيا طرفان ڪراچي جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ جي مخالفت جاري

وڪي اخبار کان

سنڌي ٻوليءَ جي اخبارن ايڊيٽوريل لکي پنهنجو موقف واضع ڪندي ڪراچي جي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي آهي.

روزاني سنڌو لکيو آهي ته ٻيٽن کي وڪرو ڪرڻ کان اڳ ۾ حيدرآباد کان ڪراچي تائين جي سموري زمين وڪرو ڪئي وئي. هاڻ حڪومت جي رٿا آهي ته قيمتي ٻيٽن کي پرڏيهي ڪمپني حوالي ڪيو وڃي. ان عمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.

اخبار سنڌ حڪومت کي صلاح ڏيندي چيو ته ان کان بهتر آهي ته سنڌ حڪومت پاڻ اُتي پروجيڪٽ شروع ڪري ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا ذريعا پڻ مهيا ڪري. اها حقيقت آهي ته هر حڪمران سنڌ جي وسيلن کي وڪرو ڪيو آهي جنهن جي سنڌو اخبار پاران مذمت ڪئي وئي.

روزاني ڪوشش پنهنجي ليک ۾ چيو آهي ته افسوس آهي جو سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ته کيس ان رٿا بابت ڄاڻ نه هئي. اخبار لکيو آهي ته سنڌي ترقيءَ جا مخالف نه آهن پر پرڏيهي اچي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضا ڪن اهڙي ترقي قبول ڪانه آهي. اخبار مطابق جيڪڏهن سنڌي قوم ڪنهن ٻئي خطي جي مال ملڪيت تي ميري نظر نٿي رکي ته اهڙي نظر سنڌ جي زمين تي پڻ نه رکڻ ڏني ويندي.

روزاني عبرت لکيو آهي ته اهي ٻيٽ سنڌي قوم جا آهن ۽ اهڙي فيصلي جو اختيار به وٽن آهي، حڪمران پنهنجي طور تي اهڙن فيصلن ڪرڻ جا مجاز نه آهن. سنڌ حڪومت کي وفاق اڳيان منصوبي جي مخالفت ڪرڻ گهرجي نه ته اها سنڌين سان تاريخي ويساهه گهاتي ليکي ويندي.

ذريعا