سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جو سخت احتجاج، اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي

وڪي اخبار کان

20 نومبر 2006

سنڌ اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ نثار کهڙو ۽ اسپيڪر مظفر حسين شاه وچ ۾ اجلاس دوران تلخ ڪلامي ٿي پئي. جنهن کان پوءِ پ پ جي ميمبرن شيم شيم جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا. جنهن تي اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.

مخالف ڌر 91ع پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ، ٻيٽن جي وڪري ۽ امن امان بابت ڳالهائڻ لاءِ اجلاس ٻيهر سڏائڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ذريعن مطابق نثار کهڙي بغير مائيڪ جي زوري ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اسپيڪر کيس منع ڪئي جڏهن کيس اجازت نه ملي ته کهڙي سان گڏ مخالف ڌر پڻ سندس احتجاج ۾ گڏ ٿي وئي. ڪافي جملن جي ڏي وٺ بعد اجلاس ملتوي ٿي ويو.

ذريعا