سنڌ جو وڏو وزير غدار آهي، نثار کهڙي طرفان سنڌ ۾ رينجرز کي مستقل رکڻ جي مخالفت

وڪي اخبار کان

سنڌ اسيمبلي مخالف ڌر اڳواڻ نثار کهڙي سنڌ ۾ رينجرز جي مستقل رهائڻ وارين ڪوششن جي مخالفت ڪئي آهي، هن اهڙي ڳالهه بن قاسم ٽائون ۾ هڪ افطار پارٽي ۾ ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه جي ڪابه ضرورت نه آهي ته رينجرز کي مستقل طور سنڌ ۾ رهايو وڃي. رينجرز ڪنهن به صوبي ۾ تعنات نه آهي، بلوچستان ۾ پڻ ليوز کي پوليس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

هن ڪراچي جي ٻيٽن بابت چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سنڌي ماڻهن جي خواهش ابتڙ اهي ٻيٽ وڪرو ڪرايا آهن، تنهنڪري سنڌ جو وڏو وزير سنڌي قوم جو غدار آهي.

ذريعا