سنڌ جي تقريبن سمورن ادارن ۾ فوجين کي ويهاريو ويو آهي، ممتاز ڀٽو

وڪي اخبار کان

سنڌ قومي اتحاد جي چيئرمين ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراه ممتاز علي ڀٽي چيو آهي ته سنڌ جي تقريبن هر اداري ۾ ڪنهن نه ڪنهن فوجي کي ويهاريو ويو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ هڪ افطار پارٽي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي حالت مارشل لا جيان آهي جنهن ۾ فوجي حڪومت هوندي آهي. سنڌ جي وڏي وزير جا اختيار مختيارڪار جي بدلي ۽ پوسٽنگ تائين محدود آهن. جڏهن ته صوبي جا معاملا برگيڊئر ۽ ميجر هلائي رهيا آهن.

ذريعا