سنڌ جي صحت وزير طرفان ڊينگو وائرس متاثر مريضن جو تعداد 1104 ظاهر

وڪي اخبار کان

20 آڪٽوبر 2006

سنڌ جي صحت وزير سيد سردار احمد سنڌ ۾ ڊينگو وائرس متاثرين جو تعداد 1104 ظاهر ڪيو آهي جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. اها ڳالهه هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران چئي.

متاثر ماڻهن جو تعلق ڪراچي کان علاوه حيدرآباد، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ سکر ضلعن سان ٻڌايو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته سرڪار طرفان سجاڳي مهم هلائي ويندي ته ڪيئن ان مرض کان بچي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڊينگو وائرس مڇرن ذريعي اچي ٿو ان ڪري ماڻهن کي مڪمل طور جسم ڍڪڻ جي صلاح ڏني وئي آهي ۽ اهو پڻ چيو ويو آهي ته مڇرن کان بچاءُ لاءِ خاص اُپاءَ ورتا وڃن.

ذريعا