سنڌ جي مخالفت باوجود وفاقي پلاننگ ڪميشن تڪراري ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم جي منظوري ڏئي ڇڏي

وڪي اخبار کان

27 نومبر 2006

سنڌ جي مخالفت باوجود وفاقي پلاننگ ڪميشن تڪراري ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشاڊيم سميت ڪيترن ئي رٿائن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڪالاباغ ڊيم خلاف ٽن صوبن جون اسيمبليون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا قرارداد پاس ڪري چڪيون آهن.

ڪميٽي جي اجلاس ۾ 35 منصوبا آندا ويا جن مان 30 کي منظوري ڏني وئي. ان کان علاوه ڪالاباغ ڊيم سميت ٻين منصوبن تي قرض وٺڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي.

ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجا خدشا ڏيکاريا هئا جن کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويو آهي ٻئي طرف سموري سنڌ جا ماڻهو ڪالاباغ سميت سمورن ڊيم منصوبن جي مخالفت ۾ پنهنجا پرامن احتجاج اڃا تائين ڪندا رهن ٿا.

ذريعا